SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


معاشي قومپرستي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


معاشي قومپرستي

Economic Nationalism

ايڪنامڪ نيشنلزم

هڪ متو، جنهن تحت ڪا به حڪومت/ رياست پنهنجي پيدوار وڌائڻ ۽ معاشي رٿابنديءَ ذريعي ملڪي آبادي ۾ خوشحالي آڻي، سندس مادي زندگيءَ کي بهتر بڻائي، عملي طرح قومي خدمت ۽ وطن پرستيءَ جو مظاهرو ڪندي آهي. قوم پرستيءَ جو هيءُ قسم بصيرت ڀري قيادت ، قانون جي مٿڀرائيءَ ، جمهوري سياسي نظام، بهتر سفارتڪاري، معاشي مهارت/ رٿابندي ، صنعت گيري ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جي سوچ سان مُمڪن هوندو آهي . اولهه جي جديد اُسريل سماج جي اڏاوت انهن بُنيادن تي ممڪن ٿي آهي . معاشي قوم پرستيءَ ذريعي بين الاقوامي ساک ۽ عالمي امن لاءِ اڳڀرائيءَ سميت لاڳاپيل قوم کي عالمي برادريءَ جي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ سندس اڳواڻي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. اها قوم پرستي اُسرندڙ مُلڪن جي جاگيرداري يا آمريتي قوم پرستيءَ کان بالڪل مختلف آهي، جنهن ۾ مخصوص لاڙن، متڀيد ۽ نعرن کي بُنياد بڻائيندي، عوامي جذبن جو استحصال ڪري مخصوص گروهي مفادن جي تڪميل ڪئي ويندي آهي ۽ نيٺ قومي تذليل، غربت، بيماري ۽ جهالت پلئه پوندي آهي . بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهرن جو خيال آهي ته گهٽ – اُسريل خطن ۾ مُعاشي قومپرستيءَ جي حاصلات صنعتي پيدوار وڌائڻ ۽ مڪمل طور زرعي شعبي تي ڀاڙڻ واري رويي جي حوصلي - شڪنيءَ سان ئي ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته (سندن خيال موجب) جڏهن ڪنهن به سماج ۾ پيدواري عمل جو طريقو بدلجي ٿو، ته اُن سان گڏ لاڳاپيل سماج به تبديل ٿيڻ شروع ڪري ٿو ۽ منجهس خوشحاليءَ، ترقيءَ ذريعي محدود قوم پرستيءَ بجاءِ آفاقي حُب الوطنيءَ جي تصورن / لاڙن کي هٿي ملي ٿي، جنهن سان هڪ انسان- دوست سماج جي اڏاوت ممڪن ٿي سگهي ٿي .


Remember Me Also:

ڪلياڻ

ذ. صفت. سن. ڪلياڻ = عمدو. عمدو ، سهڻو ، سٺو ، حسين ، ٺاهوڪو ، وڻندڙ ، دلپسند. آسودو ، سکي ، جوڙ ، سکيو ، ستابو ، نئوبنو ، خوش قسمت ، فائدي وارو ، تازو تڪڙو. سن. ڪلياڻ = سک. خيريت ، عافيت ، سک ، آرام ، چڱڀلائي ، تندرستي ، فائدو ، نفعو ، لاڀ ، پراپت. چڙ

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal